فيض محمد ميمڻ

فيض محمد ميمڻ : تعلقي نوشهري فيروز جو نامور استاد حاجي فيض محمد ميمڻ، ڀريا شهر جي قابلِ فخر آخوند گهراڻي مان هو. سندس والد آخوند محمد اسماعيل ميمڻ، پاڪستان کان اڳ پنهنجو ديني مدرسو هلائيندو ۽ حڪمت ڪندو هو. حاجي فيض محمد انگريزي تعليم حاصل ڪئي ۽ بيٽ عملدار جي عهدي تان رٽائر ڪيائين. مذهبي تعليم ۽ حڪمت سان لڳاءُ هئس. ’قاديانين کي چئلينج‘ ۽ ’تاريخ القرآن‘ نالي ڪتاب لکيائين. رٽائر ٿيڻ کانپوءِ ورهاڱي وقت هندو تعليمي ماهرن جي لڏي وڃڻ سبب تعليمي خال ڀرڻ لاءِ ڀريا شهر جي مشهور هاءِ اسڪول، ڪوڙي مل چندن مل اڪيڊميءَ جو پرنسپال ٿيو. کيس ڀريا شهر جي لائق استاد ۽ عظيم انسان جي حيثيت حاصل رهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو